شاهه جي قُبي

شاهه جي قُبي (مسجد): شاهه لطيف سان تعلق رکندڙ هي تڪيو، ڀٽ شاهه کان پراڻا هالا ۽ خداآباد ڏانهن ويندي ڪيهر لنجواڻي روڊ تي، ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه طرف موجود آهي. هتي هڪ تمام جهوني مسجد ۽ پراڻو کوهه موجود آهن. مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اهي ٻئي شاهه لطيف پاڻ تعمير ڪرايا هئا. شاهه لطيف جو اهو کوهه، ست پُرهه اونهو آهي. شاهه لطيف جي ٺهرايل اها مسجد ۽ کوهه اڄ به ڦٽل حالت ۾ اتي موجود آهن.
انهيءَ ماڳ تي هڪ نئين قبر به آهي، جيڪا ڏتي فقير جي آهي، جيڪو 2009ع ۾ وفات ڪري ويو هو. ڏتي فقير، انهيءَ ماڳ جي ڪيترن ئي سالن کان ڏاڍي خدمت ڪئي، ۽ سار سنڀال لڌي.
انهي ماڳ لاءِ اهو عام آهي ته شاهه لطيف انهيءَ جڳهه کي ڀٽ شاهه ۽ هالا جي حد مقرر ڪئي هئي. شاهه لطيف ڪجهه وقت هتي رهي، فقيرن سان ڪچهريون ۽ راڳ ويراڳ جون محفلون به ڪيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو